اعزاز نظير ڊاڪٽر، ڪامريڊ: ڪامريڊ اعزاز نظير حيدرآباد دکن جي محلي گوشه محل ۾ 3- جنوري 1930ع تي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد درگاهه حضرت عبدالله جنوني جو سجاده نشين هو. شاگرديءَ جي زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو. جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذيلي تنظيم هئي. ان زماني ۾ تلنگانه هاري تحريڪ هلي ته شاگردن ان جي حمايت ۾ تحريڪ هلائي. سندس سرگرمين سبب گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا ته هو لڪي، مئي 1951ع ۾ پاڪستان جي شهر ڪراچيءَ ۾ پهتو. هتي پهچڻ بعد حيدرآباد دکن سان واسطو رکندڙ ترقي پسند نوجوانن سان گڏجي سياسي سرگرميون شروع ڪيائين. ادبي گڏجاڻين دوران سندس ملاقات ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ سان ٿي ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڪميونسٽن ۽ مزدور اڳواڻن خلاف حڪومت وٺ پڪڙ تيز ڪئي ته مکيه ڪارڪن سنڌ جي اندرين علائقن ۾ پهتا ۽ اتي نالا مٽائي ڪم ڪرڻ لڳا. هن پنهنجو نالو ڊاڪٽر نظير رکيو. پارٽي جي فيصلي تحت سلام بخاري'>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، امام علي نازش، ڪامريڊ شرف بخاري، سائين عزيز الله جي رهنمائيءَ ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ خفيه طور هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم جاري رکيو. اعزاز نظير خيرپور، سکر ۽ روهڙيءَ ۾ پارٽيءَ جي ڪل وقتي ڪارڪن يعني پيشور انقلابي جي حيثيت سان مختلف محاذن تي ڪم ڪيو. هو نيشنل عوامي پارٽي ۾ به سرگرم رهيو. ان تي بندش پوڻ تي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ پوءِ مير غوث بخش بزنجو جي پاڪستان نيشنل پارٽي ۾ ڪم ڪيائين. 1977ع ۾ پارٽيءَ جي فيصلي تحت نيشنل پروگريس پارٽي ٺاهي وئي ته هي ان جو صدر ٿيو. هن خان عبدالولي خان، مير غوث بخش بزنجي ۽ ٻين مکيه سياستدانن سان گڏ آزاد پاڪستان پارٽيءَ کان وٺي عوامي جمهوري پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيو. ساڳي طرح لانڍي، ڪورنگيءَ جي مزدور يونين کان وٺي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن تائين انيس هاشمي، نبي احمد، شميم واسطي سان گڏجي پورهيتن لاءِ ڪم ڪيو. هو مختلف وقتن تي جيلن ۾ رهيو پر هو سڄو عرصو ڪميونسٽ پارٽي سان وابسته رهيو. 4 فيبروري 1998ع تي گذاري ويو.
1930.01.03 عيسوي
ڪامريڊ اعزاز نظير 3- جنوري 1930ع تي ڄائو
1998.02.04 عيسوي
اعزاز نظير ڊاڪٽر، ڪامريڊ 4 فيبروري 1998ع تي گذاري ويو